اسلام آباد ، لاهور ۽ پشاور سوڌو ٻين علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا

52
0
SHARE

اسلام آباد، راولپنڊي، لاهور، شيخو پورا، پشاور، ڊير اسماعيل خان، سوات، مالاڪنڊ ۽ ملڪ جي ٻين علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، زلزلي جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 5 ڏهائي 8 رڪارڊ ڪئي وئي جڏهن ته زلزلي جو مرڪز ڪوهه هندوڪش هو ۽ اونهائي 80 ڪلوميٽر هئي.

اسلام آباد، پنجاب ۽ خيبر پختون خواهه جا ڪيترائي شهر زلزلي جي جهٽڪن سان لـُڏي ويا جنهن سبب ماڻهن ۾ خوف ۽ هراس ڇائنجي ويو ۽ گهرن ۽ آفيسن کان ٻاهر نڪري آيا.

زلزلو ماپيندڙ مرڪز موجب ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 5 ڏهائي 8 رڪارڊ ڪئي وئي جنهن جي اونهائي 80 ڪلوميٽر ۽ مرڪز ڪوهه هندو ڪش جو جابلو سلسلو هو.

پنجاب ۾ راولپنڊي، لاهور، ميانوالي، ساهيوال، فيصل آباد، سرگوڌا، چنيوٽ سوڌو ٻين شهرن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.

خيبر پختون خواهه جي گادي واري شهر پشاور، مالاڪنڊ، سوات، مردان، مينگورا ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here