سنڌ سرڪار صوبي جي سمورن اسڪولن جي ٻارن کي پوليو ويڪسيئن ڪرائڻ لازمي قرار ڏئي ڇڏيو

56
0
SHARE

سنڌ سرڪار صوبي جي سمورن اسڪولن جي ٻارن کي پوليو ويڪسيئن ڪرائڻ لازمي قرار ڏئي ڏيندي انڪار ڪندڙ اسڪول خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت ۾ پوليو مهم جي حوالي سان ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو، اجلاس دوران صحت جي صوبائي وزير عذرا پيچوهو، چيف سيڪريٽري، پرنسپل سيڪريٽري، صحت، ناڻي ۽ تعليم وارن سيڪريٽريز کانسواءِ لاڳاپيل اختيارين شرڪت ڪئي.

اجلاس کي بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ 2018 ۾ پوليو جو هڪ ڪيس ڪراچي ۾ سامهون آيو، جڏهن ته هلندڙ سال اڃا تائين ڪو ڪيس سامهون ناهي آيو، جنهن تي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ صوبي مان پوليو جي خاتمي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهيا آهيون، گذريل سال هڪ ڪيس سامهون اچڻ تي افسوس ٿيو آهي، پر اها سٺي ڳالهه آهي ته پوليو وائرس صوبي مان ختم ٿي رهيو آهي.

بريفنگ دوران چيو ته ڪراچي جي علائقن سهراب ڳوٺ، مڇر ڪالوني، خميسو ڳوٺ، محمد خان ڪالوني، اورنگي نالا ۽ هجرت ڪالوني ۾ پوليو وائرس موجود آهي، نيو سکر جي علائقن ۾ به وائر جي موجودگي جو اطلاع مليو آهي, پوليو ويڪسين 85 سيڪڙو ٽارگيٽڊ ٻارن کي ڏني وئي آهي، جڏهن ته 86 هزار 863 ٻارن جي والدين پوليو جا ڦڙا پيئارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

سنڌ جي وڏي وزير چيف سيڪريٽري کي هڪ پوليو وائرس جي خاتمي جي حوالي سان هفتيوار رپورٽ وٺڻ ۽ نون ڀرتي ڪيل 1733 ويڪسينيٽرز جي فوري تربيت شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here