سانگهڙ جي علائقي ڪنڊياريِ ۾ گهر کي باهه لڳڻ ڪري 3 ٻاررڙيون سڙي فوت

28
0
SHARE

ڪنڊياري: سانگهڙ جي علائقي ڪنڊياريِ ۾ گهر کي باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 3 ٻاررڙيون سڙي فوت ٿي ويون. ڳوٺ وساڻ فارم ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب گهر کي باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ننڊ ستل روينا، چاندني ۽ گوري ميگهواڙ سڙي فوت ٿي ويون. ڳوٺاڻن سڙي فوت ٿيل ٻارڙين جا لاش ڪڍي اسپتال آندا، جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، جڏهن ته افسوسناڪ واقعي بعد ڳوٺ سوڳ ڇانيل آهي. اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو نه پهتو، جنهن سبب گهر ۾ پيل سمورو سامان به سڙي رکي ويو…………….

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here