حڪومت آءِ ايم ايف کان پيڪيج وٺڻ کان پهريان ئي مهانگائي جو بم ڪيرائي چڪي آهي:مريم اورنگزيب

56
0
SHARE

مسلم ليگ نون جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت آءِ ايم ايف کان پيڪيج وٺڻ کان پهريان ئي مهانگائي جو بم ڪيرائي چڪي آهي ۽ هاڻي حڪومت جي نااهلي سبب مهانگائي جي هڪ ٻئي طوفان جي تياري ڪري.

مريم اورنگزيب وزيراعظم عمران خان جي دبئي ۾ آءِ ايم ايف جِي مينيجنگ ڊائريڪٽر سان ملاقات تي ردعمل ڏيکاري چيو ته حڪومت پهريان ئي آءِ ايم ايف جا شرط پورا ڪري چڪي آهي ته پوءِ اڄ ملاقات جو ڊرامو ڇو رچايو پيو وڃي.

هن چيو ته پهرين حڪومت آهي جنهن چوري دروازي کان آءِ ايم ايف جي شرطن تي اڳواٽ عمل ڪيو، ناڻي واري وزير موجب حڪومت آءِ ايم ايف وڃڻ کان پهريان ئي شرط تسليم ڪري ورتا آهن.

مريم اورنگزيب جو چوڻ هو ته حڪومت آءِ ايم ايف کان پيڪيج وٺڻ کان پهريان ئي مهانگائي جو بم ڪيرائي چڪي آهي، رپئي جي ملهه ۾ 35 سيڪڙو کان وڌيڪ گهٽتائي، بجلي، گئس جي قيمتن ۾ رڪارڊ واڌ ٿي چڪي آهي.

هن چيو ته آءِ ايم ايف جي پيڪيج کان پهريان ئي حڪومت حج سوڌو هر سبسڊي ختم ڪري چڪي آهي، قوم کي وڌيڪ مهانگائي جي ڪهڙي چڪيءَ ۾ پيسجڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي.

مريم اورنگزيب چيو ته وزيراعظم جي آءِ ايم ايف سان پاڪستان ۾ ملاقات ڇو نه ٿي ٿي سگهي ؟ قوم کي ٻڌايو وڃي ته هاڻي ڪهڙا شرط طئي ڪيا پيا وڃن ؟

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here