نيب جي ڪارڪردگي ۾ بهتري لاءِ سياسي جماعتن سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون: نعيم الحق

42
0
SHARE

وزيراعظم جي خاص مددگار نعيم الحق چيو آهي ته قومي احتساب بيورو جي ڪارڪردگي ۾ بهتري لاءِ هـُو سياسي جماعتن سان ڳالهين لاءِ تيار آهن.

مسلم ليگ قاف جي صدر چوڌري شجاعت حسين سان لاهور ۾ ملاقات کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي نعيم الحق جو چوڻ هو ته واپاري برادري طرفان شڪايت اچي رهيون آهن ته نيب ننڍين ننڍين ڳالهين تي تنگ ڪري رهيو آهي، نيب جي ڪارڪردگي ۾ بهتري جي ضرورت آهي.

وزيراعظم جي خاص مددگار چيو ته عمران خان جي هدايت تي چوڌري شجاعت حسين سان ملاقات ڪئي، قاف ليگ ۽ تحريڪ انصاف ۾ ڪي اختلاف ناهن، هنن جو اتحاد وڌيڪ مضبوط ٿيندو.

نعيم الحق  جو چوڻ هو ته پرويز الاهي اسپيڪر جي حيثيت سان اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، تمام جلد صوبائي ۽ وفاقي ڪابينا ۾ قاف ليگ جا وڌيڪ ميمبر شامل ٿيندا.

هن چيو ته پنجاب ۾ قاف ليگ جا 2 وزير ڪم ڪري رهيا آهن ، اپوزيشن جي ڪوشش آهي ته رنڊڪون وجهي ته جيئن حڪومت ڪاميان نه ٿي سگهي.

نعيم الحق جو چوڻ هو ته چوڌري شجاعت جي تجربن مان فائدو حاصل ڪيو ويندو،ان موقعي تي مسلم ليگ قاف جي صدر جو چوڻ حو ته هــُنن متحد ٿي هلڻ جو وچن ڪيو آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here