شهباز شريف کي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين شپ تان هٽايو ويو ته حالتون خراب ٿي وينديون:خواجا آصف

21
0
SHARE

مسلم ليگ نون جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته جيڪڏهن شهباز شريف کي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين شپ تان هٽايو ويو ته حالتون خراب ٿي وينديون.

سيالڪوٽ ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي پريس ڪانفرنس ڪندي خواجا آصف جو چوڻ هو ته نواز شريف جي صحت بابت تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته شايد هــُو ڪا رعايت وٺڻ چاهين ٿا.

هن چيو ته ڊاڪٽرن موجب ميان صاحب کي دل جي تڪليف آهي، حڪومت نواز شريف جي بيماري کي اشو بڻائي سياسي فائدو حاصل ڪرڻ چاهي ٿي.

خواجا آصف چيو ته حڪومت ۾ ويٺل ماڻهو پاڻ پنهنجي ساک خراب ڪري رهيا آهن ان کي ڪنهن دشمن جي ضرورت ناهي.

هن چيو ته حڪومت 6 ڊاڪٽرن جي رپورٽ تي عملدرآمد يقيني بڻائي، نواز شريف کي دل جي اسپتال منتقل ڪيو وڃي.

سندس چوڻ هو ته وزيراعظم جيڪا ڪالهه ٻولي استعمال ڪئي ان مان سندس هٻڪ نظر اچي رهي آهي، 6 مهينن دوران وزيراعظم عوام کي ڪا سهولت فراهم نه ڪري سگهيو.

اڳوڻي دفاعي وزير چيو ته وزيراعظم ۽ ٻيا وزير پي اَي سي جي چيئرمين شهباز شريف کي هٽائڻ جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن، جيڪڏهن شهباز شريف کي پي اَي سي جي چيئرمين شپ تان هٽايو ويو ته حالتون خراب ٿي وينديون، هــُو به سسٽم کي منجمند ڪري سگهن ٿا پر ادارن کي نقصان پهچائڻ نه ٿا چاهين.

خواجا آصف چيو ته عمران خان ٻڌائي ته هــُو 22 سال جيڪي ڳالهيون ڪري رهيو هو انهن مان هڪ تي به عمل ڪيو ؟ عمران خان آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ تي آپگهات ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.

خواجا آصف چيو ته سياسي جماعتون هر وقت اليڪشن لاءِ تيار آهن، عمران خان جي ڳالهين مان لڳي رهيو آهي ته هـُو ڪافي ٽينشن جو شڪار آهي، نواز شريف کي بنا دير پنجاب ڪارڊيالوجي ۾ داخل ڪرايو وڃي، جيڪڏهن نواز شريف جي ضمانت ٿي وئي ته پوءِ پرڏيهه مان علاج ڪرائڻ جو سوچيو ويندو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here