ڪراچي:41 ماڻهن کي قتل ڪندڙ ٽارگيٽ ڪلر ساجد عرف بونا گرفتار

24
0
SHARE

ڪراچي جي علائقي بهادر آباد ۾ پوليس ڪارروائي ڪري 41 ماڻهن کي قتل ڪندڙ ٽارگيٽ ڪلر کي گرفتار ڪري ورتو.

ايس ايس پي ايسٽ اظفر مهيسر پريس ڪانفرنس ٻڌايو ته جوابدار ساجد عرف بونا جو واسطو ايم ڪيو ايم لنڊن سان آهي، جوابدار صحت کاتي جو ملازم پڻ آهي.

سندن چوڻ هو ته جوابدار پارٽي جي حڪم تي پوليس ،ايجوڪيشن ڊائريڪٽر ۽ سياسي اڳواڻن جي ماڻهن کي قتل ڪيو آهي.

ايس ايس پي چيو ته جوابدار جا ساٿي رينجرز جي مقابلي ۾ مارجي ويا، جوابدار آخري واردات 2014 ۾ ڪئي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here