عالمي مالياتي فنڊ سان بنيادن تي نقطن تي اتفاق ٿي ويو آهي:شاهه محمود قريشي

48
0
SHARE

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته عالمي مالياتي فنڊ سان بنيادن تي نقطن تي اتفاق ٿي ويو آهي ۽ جلد ٽيڪنيڪي تفصيل طئي ٿيندا.

دبئي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي جو آءِ ايم ايف جِي ايم ڊي سان ملاقات بابت چوڻ هو ته وزيراعظم عمران خان ۽ وفد جي آءِ ايم ايف سربراهه سان ملاقات مفيد رهي آهي.

هن چيو ته پاڪستان جو آءِ ايم ايف سان ڀائيچارو ٿيو آهي ۽ آءِ ايم ايف سان ڀائيواريءَ جو فيصلو ڪيو آهي، اسانجو آءِ ايم ايف سان بنيادي نقطن تي اتفاق ٿي ويو آهي ۽ جلد ٽيڪنيڪي تفصيل طئي ٿيندا.

سندس چوڻ هو ته بنيادي اصولن تي اڳڀرائي ٿي آهي ۽ اڳتي وڌڻ جي بنيادي اصول تي پهچي ويا آهيون.

شاهه محمود قريشي چيو ته ملڪي معيشت جي ترقي جو پروگرام آندو ويند ۽ پروگرام ۾ گهٽ آمدني وارن جي تحفظ کي يقيني بڻايو ويندو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here