برسات جو نئون سلسلو 15 فيبروري کان پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جو امڪان

84
0
SHARE

سنڌ سوڌو سڄي ملڪ ۾ سخت سخت سيءَ جي لهر برقرار  آهي، موسميات کاتي برسات جو نئون سلسلو 15 فيبروري کان پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جو امڪان ڏيکاريو آهي.

موسميات کاتي موجب برسات جو نئون سلسلو 15 فيبروري تي پاڪستان ۾ داخل ٿيندو جنهن سان سيءَ اڃا وڌي ويندو.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته چئن کان 5 ڏينهن تائين موسم خشڪ رهڻ جو امڪان آهي.

15 ۽ 16 فيبروري تي اولهه کان گهٽ هوائن جي دٻاءَ جو سلسلو پاڪستان ۾ داخل ٿيندو جيڪو وسڪاري جو سبب بڻجي سگهي ٿو ۽ موسم ٻيهر ٿڌي ٿي ويندي.

موسميات کاتي موجب ملڪ جي گهڻي قدر علائقن ۾ موسم سرد ۽ خشڪ رهندي جڏهن ته پنجاب جي ميداني علائقن ۽ مٿين سنڌ ۾ رات ۽ صبح جي وقت ڪوهيڙي جو امڪان آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here