سنڌ کي مليل پاڻي جا انگ اکر ارسا جا ڏَٽا ثابت ٿيا

45
0
SHARE

اسلام آباد:سنڌ پاران ارسا کي پهرين فيبروريءَ تي چشما وٽان 39هزار ڪيوسڪ جو انڊينٽ موڪليو ويو هو جڏهن ته  ارسا پاران سنڌ کي 32 هزار تونسا وٽان ۽ 7 هزار پنجنند وٽان پاڻي ڏيڻ جو چيو ويو ۽ چوٿين فيروريءَ کان ارسا پاران سنڌ کي ڏنل انگ اکرن جن جي جائزي موجب 4 فيبروري تي  سنڌ ڏانهن تونسا وٽان 23183 ڪيوسڪ پاڻي ٿي آيو ۽ چشما وٽان 39 هزار ڪيوسڪ ڄاڻايل هو. گڊو بيراج وٽ ان ڏهاڙي مٿاهون وهڪرو 24301 ڪيوسڪ جڏهن ته ۽ پنجند وٽان سنڌ ڏانهن 11901 ڪيوسڪ پاڻي ڄاڻايو ويو وري 6 فيبروريءَ تي سنڌ ڏانهن تونسا وٽان 35867 ڪيوسڪ ۽ پنجنند وٽان به 4020 ڪيوسڪ پاڻي ڄاڻايو ويو پر گڊو وٽ پاڻي ساڳيو ئي موجود هو. 8 فيبروريءَ تي به تونسا وٽان لڳ ڀڳ ساڳيا انگ اکر ۽ پنجند وٽان به 2030 ڪيوسڪ پاڻي ڄاڻايو ويو 10 فيبروري تونسا وٽان سنڌ ڏانهن 36608 ڪيوسڪ پاڻي ڄاڻايو ويو ، پنجند وٽان به 1019 ڪيوسڪ پاڻي ڄاڻايو ويو آهي پر گڊو وٽ رڳو 24914 ڪيوسڪ پاڻي موجود آهي. ٽائيم ليگ جي حساب سان سنڌ ڏانهن اهو پاڻي گڊو وٽ 8 فيبروري تي 32 هزار ڪيوسڪ کان مٿي هجڻ گهرجي ها پر سنڌ جي حصي جو 8 کان ڏهه هزار ڪيوسڪ پاڻي گم آهي، جنهن بابت سنڌ جي آبپاشي کاتي کي ڪا ڳڻتي ناهي، ان پاران ارسا سان ڪو به رابطو ناهي ڪيو ويو. ذريعن وٽان پتو پيو آهي ته سکر بيراج جي ايڪسين پاران گڊو بيراج جي ايڪسين کي هڪ خط لکيو ويو آهي ته توهان تونسا جي ويجهو آهيو ٽيم کي موڪليو ته اها ڏسي اچي ته پاڻي ڇو نه ٿو پهچي؟ سکر بيراج وٽان سنڌ ، بلوچستان جي گهرج 32 هزار ڪيوسڪ آهي پر ڪالهه اتي پاڻي 16700 ڪيوسڪ هو ۽ لڳ ڀڳ 50 سيڪڙو کوٽ ٿي وئي آهي.ذريعن ۽ انگن اکرن موجب ڪوٽڙي جي گهرج 8000 ڪيوسڪ آهي ۽ پاڻي رڳو 3325 ڪيوسڪ مليوآهي.جڏهن ته گڊو وٽان به بلوچستان کي پاڻي گهڻو ڏئي گهوٽڪي فيڊر کي 30 سيڪڙو کان مٿي کوٽ تي رکيو ويو آهي. جنهن ڪري ربيع جي فصل کي آخري پاڻي ملڻ ڏکيو ٿي ويو آهي………

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here