تعليم کي واپار بڻايو ويو آهي، اسڪول پيسا ٺاهڻ واري صنعت ناهي: سپريم ڪورٽ

45
0
SHARE

ڪراچي: سپريم ڪورٽ ٻن خانگي اسڪولن خلاف توهين عدالت ڪيس ۾ ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته تعليم کي واپار بڻايو ويو آهي، اسڪول پيسا ٺاهڻ واري صنعت ناهي، الزام هيٺ آيل اسڪولن معافي گهري ورتي. سپريم ڪورٽ ريمارڪس ۾ چيو آهي ته معافي نامو لکت ۾ جمع ڪرايو، اسڪولن جو ناڻو ڪارو آهي يا اڇو، آڊٽ ڪرائي ويندي، سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ٻن خانگي اسڪولن هيڊ اسٽارٽ ۽ ايڪول ڊي لوميئر خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته اوهان جي همٿ ڪيئن ٿي جو اسڪول فيس بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي ”ڊريڪونئين“ فيصلو چيو، مائٽن کي اوهان پاران لکيل خط توهين جوڳا آهن، جسٽس گلزار احمد چيو ته اوهان ڪهڙي قسم جون ڳالهيون ٿا لکو؟ اوهان جي اسڪولن کي بند ٿا ڪري ڇڏيون، اوهان جي اسڪولن کي نيشنلائيز به ڪري سگهون ٿا، سرڪار کي چئي ٿا ڇڏيون ته اوهان جي اسڪولن جو انتظام سنڀالي. نجي اسڪول جي وڪيل چيو ته اسان عدالت کان معافي ٿا گهرون، ٻيهر ائين نه ٿيندو، جنهن تي جسٽس گلزار احمد چيو ته ٺيڪ آهي، اوهان معافي نامو لکت ۾ جمع ڪرايو، اسان ڏسي ٿا وٺون. اوهان وٽ ڪارو ناڻو آهي يا اڇو، آڊٽ ڪرائي ٿا وٺون.جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو ته تعليم کي ڪاروبار بڻايو ويو آهي، اسڪول ڪا پيسا ٺاهڻ جي صنعت ناهي، خانگي اسڪولن جي انتظاميا جي اکين ۾ شرم جو هڪ ڦڙو به ناهي، نجي اسڪولن مان ٻار ڪيتريون بيماريون کڻي نڪرندا آهن.خانگي اسڪول جي وڪيل چيو ته عدالت جي توهين جو ڪو ارادو نه هو، عدالتي فيصلي تي عمل ڪري فيس گهٽ ڪري ڇڏي آهي. جسٽس گلزار احمد چيو ته عدالتي فيصلي کانپوءِ ڪهڙي قسم جون ڳالهيون ڪيون ويون، ڇو نه خانگي اسڪولن کي منهن ڏئي وٺون.جسٽس گلزار احمد چيو ته خانگي اسڪول وارا ٻارن جي گهرن ۾ گهڙي ويا آهن ۽ گهرن ۾ زهر پکيڙي ڇڏيو آهي، خانگي اسڪول وارا ٻارن جي مائٽن کان اهڙا سوال پڇندا آهن، جيڪي سوچي به نٿا سگهجن. جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي پڇاڻو ڪيو ته “ مائٽ ٻارن کي گهمائڻ لاءِ ڪٿي ويندا آهن” اهو پڇڻ وارا خانگي اسڪول وارا ڪير ٿيندا آهن؟.جسٽس گلزار احمد چيو ته جن اسڪولن جي فيس وڌيڪ هجي، اهي مشهور ٿي ويندا آهن. سپريم  ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي ٻن هفتن تائين روڪي ڇڏي…….

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here