لڳي ٿو ته ايف آءِ اي اصعر خان ڪيس تان هٿ کڻڻ چاهي ٿي؟ سپريم ڪورٽ

22
0
SHARE

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ اصغر خان عملدرآمد ڪيس جي ٻڌڻي وقت پڇاڻو ڪيو ته لڳي ٿو ته ايف آءِ اي ڪيس تان هٿ کڻڻ چاهي ٿي، فوج ٻڌل آفيسرن جو ڪورٽ مارشل ڪرڻ بدران جاچ ڇو ڪري رهي آهي، جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏيندي چيو ته فوج ته پنهنجن ماڻهن جي ايڊريس ڏيڻ لاءِ به تيار ناهي.سپريم ڪورٽ ۾ اصغر خان عملدارآمد ڪيس جي ٻڌڻي وقت جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو ته ائين پيو لڳي ته ايف آءِ اي ڪيس تان هٿ کڻڻ چاهي ٿي. فوج رپورٽ ڏني آهي ته فوجي آفيسرن خلاف ڪارروائي هلندڙ آهي.جسٽس گلزار احمد چيو ته اٽارني جنرل صاحب اوهان ٻڌايو ته فوج ٻَڌل ماڻهن جو ڪورٽ مارشل ڪرڻ بدران جاچ ڇو ٿي رهي آهي. اٽارني جنرل چيو ته ڪورٽ مارشل کان اڳ جاچ قانوني گهرج آهي.جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته رٽائرمينٽ جي ڪيتري وقت کانپوءِ ڪورٽ مارشل ٿي سگهي ٿو؟ جسٽس گلزار احمد چيو ته ايف آءِ اي پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته بينڪن ۾ 28 سالن کان وڌيڪ پراڻو رڪارڊ ناهي، تنهنڪري ثبوت نه ٿا ملن،جيڪڏهن ايئن آهي ته بينڪن جي سربراهن کي گهرائي ٿا وٺون.جسٽس گلزار احمد چيو ته بهرحال جيڪو به ڪرڻو آهي، فوج جي رپورٽ اچڻ کانپوءِ گڏيل رپورٽن جو جائزو وٺي حڪم ڏينداسين، في الحال بچاءَ واري وزارت عدالت کان 4 هفتن جو وقت گهريو آهي، ان ڪري ٻڌڻي چئن هفتن تائين روڪي رهيا آهيون.جسٽس گلزار احمد چيو ته ايم ڪيو ايم جي باني ۽ ايم ڪيو ايم کي به پيسا مليا هئا، نه ڪيس ۾ انهن جو نالو آهي نه ئي ايف آءِ اي جي رپورٽ ۾ان حوالي سان ڳالهه ڪئي وئي آهي،اٽارني جنرل چيو ته ايف آءِ اي رپورٽ ۾ ايم ڪيو ايم جي باني جو نالو موجود هو، ايم ڪيو ايم جو باني پاڪستان ۾ ناهي، برطانوي سرڪار سان ڳالهيون هلي رهيون آهن. اٽارني جنرل چيو ته ايم ڪيو ايم ۽ ڪجهه ٻين جوابدارن جي حوالگي لاءِ ڳالهيون هلندڙ آهن،ترت اڳڀرائي جو امڪان آهي.جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته فوجي اختياريون ته پنهنجن ماڻهن جي ايڊريس به ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، جسٽس گلزار احمد چيو ته ايف آءِ اي ته هٿ ئي کڻڻ چاهي ٿي. ڪيس جي وڌيڪ ڪارروائي 4 هفتن تائين روڪي وئي…

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here