ارشاد رانجهاڻي قتل ڪيس ۾ گهربل رحيم شاهه کي پوليس گرفتار ڪري ورتو

41
0
SHARE

ڪراچي:ارشاد رانجهاڻي تي فائرنگ ڪندڙ ڏوهاري رحيم شاهه کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي.رحيم شاهه جي گرفتاري ڊي آءِ جي  ڏکڻ عامر فاروقي جي اڳواڻي ۾ جوڙيل جاچ ڪميٽي جي پيرائتي جاچ کانپوءِ عمل ۾ آئي آهي.ان حوالي سان ڊاڪٽر امير شيخ جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ارشاد رانجهاڻي ڪنهن به ڏوهه ۾ ٻَڌل هو ته  کيس زخمي ڪرڻ کانپوءِ اسپتال پهچائڻ لازمي هو،پنهنجو پاڻ کي بچائڻ جا جون به ڪي حدون آهن،ڪنهن کي به اهو حق ناهي ته پاڻ بچائڻ لاءِ ڪنهن جي حياتي ڦري.ڊاڪٽر جو چوڻ آهي ته جڏهن ارشاد زخمي ٿيو هو ته کيس تڪڙو اسپتال پهچائڻو هو،واقعو ٿيڻ وقت اتي موجود ماڻهن خلاف به ڪارروائي تي غور ڪري رهيا آهيون.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here