ارشاد رانجهاڻي واري قتل ۾ پوليس به ملوث آهي: سنڌ جو وڏو وزير

26
0
SHARE

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، ارشاد رانجهاڻي جي قتل ۾ پوليس کي به ملوث قرار ڏيندي واقعي جي رپورٽ کي رد ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته ضرورت پئي ته هــُو پاڻ ڪيس جي ايف آءِ آر داخل ڪرائيندو، واقعي ۾ ملوث اهلڪارن جي گرفتاري جو حڪم ڏنو ويو آهي، پوليس کي مائينڊ سيٽ کي تبديل ڪرڻو پوندو.

سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران خيالن جي اظهار ڪندي وڏي وزير جو چوڻ هو ته ارشاد رانجهاڻي قتل ڪيس ۾ پوليس به ملوث آهي، سنڌ پوليس اسٽيٽ ناهي، هِتي عوام جي حڪمراني آهي، جنهن جنهن تي ايف آءِ آر آهي بندوق کڻو ۽ ماري ڇڏيو ؟ چور يا ڌاڙيل کي گرفتار ڪري سگهجي پيو پر انسانيت مري وئي آهي، جيڪي پوليس آفيسر واقعي ۾ ملوث هوندا  انهن خلاف هــُو پاڻ ايف آءِ آر داخل ڪرائيندو.

وڏي وزير جو چوڻ هو ته پوليس ۾ سڌارن لاءِ ڪم ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته وفاقي حڪومت مسئلن ڏانهن ڌيان نه ڏئي رهي آهي، اسانجي لاءِ هڪ قانون ۽ پنجاب ۾ ڌار قانون آهي، پنجاب ۾ آءِ جـِي کي هٽايو وڃي ڪو فرق نه ٿو پوي پر سنڌ ۾ اسان اهڙيون ڳالهيون نه ٿا ڪري سگهون.

سيد مراد علي شاهه چيو ته هِن ايوان مان پوليس قانونن ۾ تبديلي آندي ويندي، پوليس گولين جو کاڄ بڻيل کي اسپتال بدران ٿاڻي وٺي وڃي ٿي ، ارشاد رانجهاڻي قتل جي واقعي کيس جهنجهوري ڇڏيو، پوليس جو مائينڊ سيٽ تبديل ڪرڻو پوندو، پوليس انسان بڻجي.

وڏي وزير جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ وارا چون ٿا ته اسان کي پي اَي سي جي چيئرمين شپ نه ڏني وئي، عمران خان پهريان نون ليگ ۽ پ پ سان ميثاق جمهوريت سائن ڪري هـُو پي اَي سي جي سربراهي ڏيڻ لاءِ تيار آهن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here