ارشاد رانجهاڻي جو قتل، ڪراچي ۾ ڪارساز وٽ ڌرتي ڌرڻين جو ڌرڻو، حڪومت سان ڳالهين کانپوءِ ڌرڻو ختم

57
0
SHARE

ڪراچي جي ڀينس ڪالونيءَ ۾ ارشاد رانجهاڻي جي بيدرديءَ سان قتل واري واقعي خلاف ڪارساز وٽ قومپرستن، صحافين، سياسي سماجي تنظيمن اديبن فنڪارن، اديبن ۽ عام شهرين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

 ڪارساز روڊ تي ڌرڻي ۾ قومپرستن، صحافين، سياسي سماجي تنظيمن اديبن فنڪارن، اديبن،  عام شهرين ۽ ارشاد رانجهاڻي جي وارثن شرڪت ڪئي.

احتجاجي ڌرڻي ۾ صنعان قريشي، ڊاڪٽر قادر مگسي، نصرت سحر عباسي ۽ ٻيا اڳواڻ به پهتا.

  قومپرست ڪارڪن ارشاد رانجهاڻي جي قتل خلاف ڌرڻي تي ويٺل ماڻهن چيو آهي ته ڪراچي پوليس يوسي چيئرمين رحيم شاهه کي گرفتار ته ڪيو آهي پر اُن کي ڏوهاري قرار نه ڏنو آهي،

مظاهرين مطالبو ڪيو آهي ته رحيم شاهه کي ارشاد رانجهاڻي جو قاتل قرار ڏئي کيس ڦاهيءَ تي چاڙهيو وڃي.

صوبائي وزير ناصر شاهه ۽ سعيد غني ڪارساز روڊ تي ڌرڻي وٽ پهچي مظاهرين ۽ ارشاد رانجهاڻي جي وارثن سان ڳالهيون ڪيون.

صوبائي وزيرن ، مظاهري ۾ شريڪ ماڻهن ۽ مقتول جي وارثن جي خاطري ڪرائي ته يوسي چيئرمين رحيم شاهه ۽ ايس ايڇ او خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويندو.

صوبائي وزيرن جي خاطري کانپوءِ احتجاجي ڌرڻو ختم ڪيو ويو.

ڌرڻو ختم ٿيڻ کانپوءِ مظاهرين قافلي جي صورت ۾ شاهه لطيف ٽائون ٿاڻي روانا ٿي ويا جتي صوبائي وزيرن جي موجودگي ۾ ارشاد رانجهاڻي جي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويندو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here