ارشاد رانجهاڻي جي قتل جو ڪيس مک جوابدار رحيم شاهه سوڌو 6 جوابدارن خلاف ڪيس داخل

78
0
SHARE

ڪراچي جي ڀينس ڪالونيءَ ۾ ارشاد رانجهاڻي جي بيدرديءَ سان قتل واري واقعي خلاف ڪارساز وٽ قومپرستن، صحافين، سياسي سماجي تنظيمن اديبن، فنڪارن ۽ عام شهرين پاران ڪارساز وٽ لڳايل ڌرڻو حڪومت جي خاطري کانپوءِ ختم ڪيو ويو جڏهن ته شاهه لطيف ٽائون ٿاڻي تي مک جوابدار رحيم شاهه، ڊي ايس پي ۽ انچارج ايس ايڇ او عامر رياض سوڌو 6 ڄڻن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو.

 ڪارساز روڊ تي ڌرڻي ۾ قومپرستن، صحافين، سياسي سماجي تنظيمن اديبن فنڪارن، اديبن،  عام شهرين ۽ ارشاد رانجهاڻي جي وارثن شرڪت ڪئي.

احتجاجي ڌرڻي ۾ صنعان قريشي، ڊاڪٽر قادر مگسي، نصرت سحر عباسي ۽ ٻيا اڳواڻ به پهتا.

  قومپرست ڪارڪن ارشاد رانجهاڻي جي قتل خلاف ڌرڻي تي ويٺل ماڻهن چيو ته ڪراچي پوليس يوسي چيئرمين رحيم شاهه کي گرفتار ته ڪيو آهي پر اُن کي ڏوهاري قرار نه ڏنو آهي،

مظاهرين مطالبو ڪيو ته رحيم شاهه کي ارشاد رانجهاڻي جو قاتل قرار ڏئي کيس ڦاهيءَ تي چاڙهيو وڃي.

صوبائي وزير ناصر شاهه ۽ سعيد غني ڪارساز روڊ تي ڌرڻي وٽ پهچي مظاهرين ۽ ارشاد رانجهاڻي جي وارثن سان ڳالهيون ڪيون.

صوبائي وزيرن ، مظاهري ۾ شريڪ ماڻهن ۽ مقتول جي وارثن جي خاطري ڪرائي ته يوسي چيئرمين رحيم شاهه ۽ ايس ايڇ او خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويندو.

صوبائي وزيرن جي خاطري کانپوءِ احتجاجي ڌرڻو ختم ڪيو ويو.

ڌرڻو ختم ٿيڻ کانپوءِ مظاهرين قافلي جي صورت ۾ شاهه لطيف ٽائون ٿاڻي  پهتا، جتي مقتول ارشاد رانجهاڻي جي ڀاءُ خالد رانجهاڻي جي فرياد تي دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو.

ڪيس ۾ مک جوابدار رحيم شاهه، سندس پٽ، ڊي ايس پي ، ايس ايڇ او ۽ ٻن محافظن کي نامزد ڪيو ويو آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here