شهباز شريف قومي اسيمبلي جي مختلف ڪميٽين تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

15
0
SHARE

اسلام آباد: مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف حڪومت پاران پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي صدارت تان استعيفيٰ ڏيڻ واري گُهر جو دٻاءُ وڌڻ کانپوءِ قومي اسيمبلي جي ڪميٽين تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.شهباز شريف جي استعيفيٰ ڏيڻ واري فيصلي جي حوالي سان ڪو به بيان اڳيان نه آيو آهي، پر قومي اسيمبلي جي  سيڪريٽريٽ پاران پڌري ڪيل پڌرائي ۾ لکيل هو ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر شهباز شريف جي درخواست تي سندس نالو انفارميشن اينڊ براڊ ڪاسٽنگ، لا اينڊ جسٽس ۽ ڪشمير معاملن ۽ گلگت بلتستان جي ڪميٽين مان ڪڍڻ گُهرن ٿا.ملسم ليگ ن جي ذريعن جو چوڻ آهي ته شهبازشريف اهو فيصلو پاڻ  سينيئر پارٽي اڳواڻن جي صلاح سان ڪيو آهي،جن جو چوڻ آهي ته  پارٽي جو صدر ۽ مخالف ڌر جو اڳواڻ اهڙي اجلاس ۾ شامل ٿئي،جنهن جي صدارت سندس پارٽي يا حڪمران پارٽي جو ميمبر ڪري رهيا هجن.ذريعن جو چوڻ آهي ته  عام طور تي مخالف ڌر جا اڳواڻ انهن ڪميٽين جا ميمبر ناهن بڻجندا.ذريعن موجب ان اڳڀرائي ۽ انهن الزامن جي به نفي ٿيندي،جن جي هيٺ شهبازشريف قومي احتساب بيورو جي درخواست کان بچڻ لاءِ گهڻين ڪميٽين جو ميمبر بڻجڻ گُهري ٿو…………

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here