سنڌ هاءِ ڪورٽ ارشاد رانجهاڻي قتل ڪيس تي عدالتي جاچ لاءِ سنڌ سرڪار جي درخواست واپس ڪري ڇڏي

59
0
SHARE

سنڌ هاءِ ڪورٽ ارشاد رانجهاڻي قتل ڪيس تي جڊيشل انڪوائري لاءِ سنڌ سرڪار جي درخواست واپس ڪري ڇڏي، رجسٽرار چيو آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ کي سڌي ريت جڊيشل انڪوائري جو اختيار نه آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ سرڪار کي جوابي خط لکي ڇڏيو، رجسٽرار خط ۾ چيو آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ وٽ سڌي ريت جڊيشل انڪوائري جو اختيار ناهي، جڊيشل انڪوائري ڪرائڻ جو اختيار لاڳاپيل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج کي حاصل آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ خط ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته سنڌ سرڪار چاهي ته لاڳاپيل سيشن جج سان رابطو ڪري سگهي ٿي.

خط ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو ته سيشن جج پاڻ يا ايڊيشنل سيشن جج ذريع جڊيشل انڪوائري ڪرائي سگهي ٿو، جڊيشل انڪوائري بابت 2005 جو عدالتي فيصلو موجود آهي، 2005 کانپوءِ جڊيشل انڪوائري لاءِ لاڳاپيل سيشن جج کي ئي خط لکيو ويندو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳوڻو حڪم نامو به خط سان ڳنڍي سنڌ سرڪار ڏانهن اماڻي ڇڏيو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here