اين آر او ون ۽ اين آر او ٽو کانپوءِ ڪرپٽ ماڻهن جو ڊپ ختم ٿي ويو: وزيراعظم

50
0
SHARE

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اين آر او ون ۽ اين آر او ٽــُو کانپوءِ  ڪرپٽ ماڻهن جو ڊپ ختم ٿي ويو، ماضي جي حڪومت طرفان کنيل قرضن سبب اسانجي حڪومت هڪ ڏينهن جو وياج 6 ارب رپيا ادا ڪري رهي آهي ۽ قرضن جي قسط ڌار ادا ڪري رهيا آهيون، نئين پاڪستان ۾ ماڻهن کي غربت مان ڪڍڻ چاهيون ٿا.

وزيراعظم عمران خان پاڪستان ريلوي لائيو ٽريڪنگ سسٽم ۽ ٿل ايڪسپريس جو افتتاح ڪري ڇڏيو.

افتتاحي تقريب وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ٿي جنهن ۾ وزيراعظم عمران خان، ريلوي واري وزير شيخ رشيد سوڌو ٻين اختيارين شرڪت ڪئي.

تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم جو چوڻ هو ته ٽرين ذريعي عام ماڻهو سفر ڪري ٿو ۽ ٽريڪنگ سسٽم سان ريلوي مسافرن لاءِ آساني پيدا ٿيندا.

سندس چوڻ هو ته حڪومت ۾ 6 مهينا ٿيڻ وارا آهن ۽ هـُو نئين پاڪستان ۾ ماڻهن کي غربت مان ڪڍڻ چاهين ٿا، پهريان سي پيڪ هڪ روڊ ۽ چار پاور اسٽيشنن جو نالو هو پر هاڻي چين سان ڪيترن ئي شعبن ۾ ڪم ڪيو ويندو.

وزيراعظم ، ريلوي واري وزير شيخ رشيد کي مخاطب ٿيندي چيو ته ريلوي ۾ جيڪا ڪرپشن ۽ چوري ٿي ان جا ڪيس نيب اماڻيو.

هن چيو ته اين آر او ون ۽ اين آر او ٽــُو کانپوءِ ڪرپٽ ماڻهن جو ڊپ ختم ٿي ويو.

سندس چوڻ هو ته ماضي جي حڪومت پاران ورتل قرضن سبب هنن جي حڪومت هڪ ڏينهن جو وياج 6 ارب رپيا ادا ڪري رهي آهي ۽ قرضن جي قسط ڌار ڏئي رهي آهي،

وزيراعظم عمران خان، شيخ رشيد کي هدايت ڪئي ته ريلوي ۾ وڌيڪ خرچ گهٽايا وڃن ۽ سمورين وزارتن کي چيو آهي ته اهي پنهنجا خرچ گهٽائين.

ٻئي طرف انچارج ٽرين ٽريڪنگ سسٽم مدثر زيدي موجب مسافر ريل گاڏين ۾ ٽريڪنگ سسٽم ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي جنهن مان پتو لڳائي سگهبو ته ٽرين ڪهڙي هنڌ موجود آهي ۽ منزل تي ڪيسيتائين پهچندي.

انچارج ٽرين ٽريڪنگ سسٽم جو وڌيڪ چوڻ آهي ته عوام چاهي ته پنهنجي موبائل فون تي ٽرين جي آمد کان اڳ جو الارم به لڳائي سگهي ٿو.

ٿل ايڪسپريس راولپنڊي کان ملتان لاءِ هلائي وئي آهي جيڪا مظفر ڳڙهه ، ڀڪر، درياهه خان ۽ ميانوالي وٽان گــُذرندي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here