وزيراعظم گئس چوري خلاف سڄي ملڪ ۾ ڪريڪ ڊائون جو حڪم ڏئي ڇڏيو

18
0
SHARE

وزيراعظم عمران خان گئس چوري خلاف سڄي ملڪ ۾ ڪريڪ ڊائون جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته ان حوالي سان ڪا نرمي يا رعايت نه ڪئي وڃي.

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ گئس سيڪٽر بابت معاملن جو جائزو وٺڻ لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ ناڻي واري وزير اسد عمر، سڌ سماءَ واري وزير فواد چوڌري، پيٽروليم واري وزير غلام سرور، صلاحڪار عبدالرزاق دائود ۽ گئس ڪمپنين جي سربراهن توڙي ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته هِن وقت تقريبن 50 ارب رپين جي گئس چوري ٿي رهي آهي ۽ ان چوري يا ضايع ٿيندڙ گئس جو بار به واهپيدارن تي وڌو ويندو آهي.

بريفنگ ۾ گئس بلن ۾ اضافي جي شڪايت ۽ سال 2019 ۽ سال 2020 ۾ گئس جون گهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي جي حوالي سان به آگاهه ڪيو ويو.

وزيراعظم کي گئس جي دريافت جي حوالي سان ٿيندڙ قدمن ۽ ان حوالي سان لاڳاپيل ڪمپينن کي ملندڙ سهولتن ۽ مراعاتن تي به بريفنگ ڏني وئي.

اجلاس ۾ مستقبل ۾ بجلي ۽ ٻين سيڪٽرن لاءِ گئس جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي بنا دير 200 ايم ايم سي ايف ڊي گئس وڌيڪ گهـُرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان جو چوپڻ هو ته يــُو ايف جـِي گئس جي روڪٿام جي حوالي سان ڪنهن قسم جي ڪا نرمي يا رعايت نه ڪئي وڃي ۽ گئس چورن خلاف سڄي ملڪ ۾ ڪريڪ ڊائون ڪيو وڃي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here