ڪراچي جي پراڻي گوليمار واري علائقي ۾ منشيات فروشن سان مقابلي دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويو.
ايس ايس پي اولهه شوڪت کٽياڻ موجب پراڻي گوليمار جي علائقي پاڪ ڪالوني ۾ منشيات فروشن ۽ پوليس پارٽي ۾ مقابلو ٿيو.
مقابلي دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ اهلڪار محمد فاروق سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي آغا خان اسپتال نيو پئي ويو ته هن رستي ۾ دم ڏئي ڇڏيو.