سرحد ۾ صحت مرڪز تي پوليس چڙهائي ۽ عملي تي تشدد خلاف احتجاج

60
0
SHARE

سرحد:سرحد ۾ پوليس اهلڪارن پاران صحت مرڪز تي چڙهائي ڪري عملي کي تشدد جو نشانو بڻائڻ خلاف ڊاڪٽرن ۽ شهري اتحاد احتجاج ڪيو ،صحت کاتي جي ملازمن ۽ شهرين ڊاڪٽر  سروانند  جي اڳواڻي ۾ اسپتال جي مک گيٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري پوليس زيادتين خلاف نعريبازي ڪئي،ان موقعي تي بنيادي صحت مرڪز جي ملازمن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته رات دير سان نشيءُ  واري حالت پوليس اهلڪارن اسپتال ۾ داخل ٿي ڊاڪٽرياڻي کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي،سندن چوڻ هو ته پوليس اهلڪارن جي اهڙي عمل خلاف مزاحمت ڪرڻ تي کين تشدد جو نشانو بڻائي فرار ٿي ويا،هنن وڌيڪ چيو ته اهلڪارن جي اهڙي عمل کي خلاف ايس ايڇ او کي اطلاع ڪيو ويو پر ڪيترائي ڪلاڪ گذرڻ باوجود اڃا تائين رابطو ڪرڻ لاءِ تيار ئي ناهي،احتجاج ڪندڙ ڊاڪٽرن وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي بااثر اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪري ميڊيڪل عملي کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here