پاڪستان سپر ليگ جي چوٿين ايڊيشن جي باضابطا شروعات سڀاڻي کان دبئي ۾ شروع ٿي رهي آهي

65
0
SHARE

پاڪستان سپر ليگ جي چوٿين ايڊيشن جي باضابطا شروعات سڀاڻي کان دبئي ۾ شروع ٿي رهي آهي، مختلف ٽيمن جي رانديگرن جي دبئي آمد جو سلسلو هلندڙ آهي، ايونٽ جو پهريون دنگل دفاعي چيمپئن اسلام آباد يونائيٽيڊ ۽ لاهور قلندرز جي ٽيمن وچ ۾ ٿيندو.

پي ايس ايل فور جي افتتاحي تقريب سڀاڻي ٿيندي جنهن کانپوءِ ايونٽ جي افتتاحي مئچ ۾ دفاعي چيمپئن اسلام آباد يونائيٽيڊ ۽ لاهور قلندرز جون ٽيمون مهاڏو اٽڪائينديون.

ايونٽ ۾ شامل ٽيمن ڪراچي ڪنگز، لاهور قلندرز، ملتان سلطانز، ڪوئيٽا گليڊي ايئٽرز، اسلام آباد يونائيٽيڊ ۽ پشاور زلمي جي رانديگرن جي دبئي پهچڻ جو سلسلو هلندڙ آهي.

ملتان سلطانز جو شاهد آفريدي ۽ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جو ريلــَي روسو دبئي پهچي چڪا آهن.

آسٽريلوي ليگ اسپنر فواد احمد به دبئي پهتل آهي جيڪو ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي نمائندو ڪند اهڙي ريت ڪراچي ڪنگز جو ڪولن اِنگرام به دبئي پهچي ٽيم کي جوائن ڪري ورتو.

واضح رهي ته پاڪستان سپر ليگ جي چوٿين ايڊيشن ۾ مجموعي طور تي 34 مئچز کيڏنديون ۽ فائنل سوڌو آخري 8 مئچز پاڪستان ۾ ٿينديون.

گڏيل عرب امارتن جي ٽن شهرن دبئي، ابو ظهبي ۽ شارجا ۾ 26 مئچز ٿينديون جڏهن ته فائنل سوڌو 5 مئچز ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۽ 3 مئچز لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيون وينديون.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here