سنڌ پوليس ۾ مقرريون ۽ بدليون، غلام سرور جمالي ايڊيشنل آءِ جي مقرر

25
0
SHARE

سنڌ پوليس ۾ اعليٰ سطحي مقرريون ۽ بدليون ٿيون آهن. آءِ جي سنڌ پاران تازو ترقي ماڻڻ بعد پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل غلام سرور جمالي کي ايڊيشنل آءِ جي سنڌ مقرر ڪيو ويو.

نوٽيفڪيشن موجب ڊاڪٽر ڪامران فضل کي ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي سنڌ ۽ ڊاڪٽر جميل احمد کي ايڊيشنل آءِ جي ٽريفڪ مقرر ڪيو ويو آهي.

غلام قادر ٿيٻو ايڊيشنل آءِ جي ٽريفڪ واري عهدي تان هٽائي سي پي او رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي، جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here