ارشاد رانجهاڻي جي قتل واري واقعي کي لساني رنگ نه ڏنو وڃي:وڏو وزير

58
0
SHARE

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه خبردار ڪندي چيو آهي ته ارشاد رانجهاڻي جي قتل واري واقعي کي لساني رنگ نه ڏنو وڃي، اهو انسانيت جو قتل هو، رمشا وساڻ کي قتل ڪندڙ ظالم به قانون جي پڪڙ ۾ اچي چڪا آهن، پهريان بدين ۾ هڪ ڏاڍو مڙس اسان کي پنهنجي بنگلي تي يرغمال بڻائيندو هو، هاڻي ان شخص جي گم ٿي وڃڻ ڪري سڀ آزاد آهن.

ٽنڊو باگو ۾ مير غلام محمد خان ٽالپر هاءِ اسڪول جي سئو سالا جشن واري تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته سنڌ جي 45 هزار اسڪول اهڙا آهن، جن جون عمارتون ناهن، يا زبون حال آهن ۽ سهولتن کان محروم آهن، اهڙا اسڪول جن ۾ 100 سيڪڙو حاضري آهي، انهن کي پهرين مرحملي ۾ سموريون سهولتون ڏنيون وينديون.

ٽنڊي باگي جا رستا ڏسي ڏک ٿيو آهي، هن قديمي شهر جا رستا ٺهرائڻ جون هدايتون جاري ڪندس، تقريب کي خطاب دوران ذوالفقار مرزا بابت ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته اڳ ۾ بدين جو هڪ ڌاڍو مڙس اسان کي يرغمال ڪري بنگلي تي ويهاري ڇڏيو هو ، هاڻي اهو شخص گم ٿي ويو، تنهنڪري بدين جا سمورا پارٽي عهديدار ۽ ڪارڪن مونسان گڏ ويٺل آهن.

ان کان اڳ مير غلام محمد خان ٽالپر ڊگري ڪاليج جي افتتاح بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته ارشاد رانجهاڻي جو قتل انسانيت جوقتل آھي پر ڪجهه ڌريون ان کي لساني رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آھن، انهن کي خبردار ڪيان ٿو ته واقعي کي لساني رنگ نه ڏنو وڃي. وڏي وزير چيو ته رمشا وساڻ کي قتل ڪندڙ ظالم به گرفتار ٿي چڪا آهن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here