وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ ٿيندو

20
0
SHARE

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ ٿيندو، اجلاس ۾ مختلف معاملن تي غور ڪيو ويندو.اجلاس صبح ساڍي 11 وڳي وزيراعظم آفيس ۾ ٿيندو جنهن ۾ 20 نقاطي ايجنڊا تي غور ڪيو ويندو. اجلاس ۾ ڪابينا هن وقت تائين ڪيل فيصلن تي عمل ڪرائڻ جو جائزو وٺندي. ڪابينا مختلف ملڪن سان شعبن ۾ سهڪار جي منظوري ڏيندي جڏهن ته منشيات جي خاتمي واري پاليسي 2018ع به ڪابينا اجلاس ۾ پيش ڪئي ويندي. اجلاس ۾ ترقياتي منصوبن ۾ پيپرا رولز 2004 ۾ ڇوٽ ڏيڻ جو امڪان آهي، اي او بي آءِ جي چيئرمين جي مقرري جي منظوري ڏني ويندي جڏهن ته نيشنل ڊيزاسٽر مينجمنٽ ايڪٽ 2010ع ۾ ترميم جي منظوري ڏني ويندي. اجلاس جي ايجنڊي ۾ گوادر پورٽ اٿارٽي جي چيئرمين جي مقرر ۽ زرعي ترقياتي بينڪ جي صدر جي مقرر جي منظوري به شامل آهي. جڏھن تھ سعودي ولي عھد جي پاڪستان آمد ۽ ان حوالي سان ٿيندڙ معاھدن بابت پڻ مختلف فيصلا ڪرڻ تي غور ويچار ڪيو ويندو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here