وڏي وزير مراد شاھ ۽ شاهي سيد ۾ ملاقات، پورهيتن جي ٽارگيٽ ڪلنگ بابت ڳالهيون

65
0
SHARE

ڪراچي:سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ ۽ عوامي نيشنل پارٽي سنڌ جي صدر شاهي سيد وچ ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ پورهيتن جي ٽارگيٽ ڪلنگ بابت ڳالهايو ويو. ميڊيا رپورٽن موجب، اي اين پي سنڌ جي صدر شاهي سيد نئون ديرو ۾ پشتون پورهيتن جي ٽارگيٽ ڪلنگ جي سلسلي ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ سان ملاقات ڪئي. نئون ديرو ۾ ٿيل افسوسناڪ واقعي تي ٻنهي اڳواڻن ڳالهائيندي معصوم شهرين جي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ رهندڙن جو رت ڪنهن به صورت ۾ وهڻ نه ڏينداسين. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالھھ تي اتفاق ڪيو ته سڄي صوبي ۾ رهندڙ مختلف قومن وچ ۾ ڀائيچاري کي هٿي ڏني ويندي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن نئونديرو ۾ اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 3 پشتون پورهيت مارجي ويا هئا…………………

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here