سنڌ هاءِ ڪورٽ غلام قادر پليجو خلاف نيب پاران جاچ ۾ دير ڪرڻ تي ڪاوڙجي پئي

12
0
SHARE

ڪراچي:سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳوڻي پ پ ايم پي اي غلام قادر پليجو خلاف نيب پاران جاچ ۾ دير ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي نيب کي هڪ مهيني اندر جاچ پوري ڪرڻ جو وقت ڏئي ڇڏيو. عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته جاچ پوري نه ٿي ته ڪيس ختم به ڪري سگهون ٿا. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ غلام قادر پليجو خلاف نيب پاران جاچ واري معاملي تي ٻڌڻي ٿي، وڪيل بئريسٽر صلاح الدين احمد چيو ته نيب سندس اصيل خلاف 2 سالن کان ڪو به ثبوت ڏئي سگهيو آهي. هڪ سال پهريان به نيب چيو هو ته سندس خلاف ثبوت آهن، جاچ پوري ڪري اسلام آباد اماڻي وئي آهي. عدالت جاچ پوري ڪرڻ ۾ دير ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. عدالت نيب کي ٻن هفتن ۾ جاچ پوري ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ چيو ته جاچ پوري نه ٿي ته ڪيس ختم به ڪري سگهون ٿا. نيب جي جاچ آفيسر چيو ته غلام قادر پليجو خلاف جاچ هلي رهي آهي، وڌيڪ وقت گهربل آهي، هڪ مهيني جو وقت ڏنو وڃي، جاچ پوري ڪري اسلام آباد اماڻينداسين. عدالت جاچ آفيسر پاران هڪ مهيني جو وقت ڏيڻ وارو عرض منظور ڪري ورتو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here