پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي عالمي سيڪيورٽي ڪانفرنس لاءِ جرمني لاءِ نڪري ويو

51
0
SHARE

اسلام آباد: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي عالمي سيڪيورٽي ڪانفرنس ۾ شامل ٿيڻ لاءِ جرمني لاءِ نڪري ويو. ذريعن موجب پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي اسلام آباد ائيرپورٽ کان جرمني لاءِ نڪتو آهي،پرڏيهي وزير ميونخ ۾ عالمي سيڪيورٽي ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪانفرنس کانپوءِ پرڏيهي وزير روس،ڪينيڊا،جرمني ۽ ازبڪستان جي پرڏيهي وزيرن سان پڻ ملندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته دوري وقت پرڏيهي وزير جي افغان جي صدر اشرف غني سان ملڻ جا به امڪان آهن،جڏهن ته ميونخ ۾ 19 آمريڪي پارليامينٽريرين سان به پرڏيهي وزير گڏجاڻي ڪندو. جرمني وڃڻ کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته عالمي سيڪيورٽي ڪانفرنس ۾ شامل ٿيڻ لاءِجرمني وڃي رهيو آهيان،هن ڪانفرنس ۾ سڄي دنيا مان ڪيترائي ملڪ شامل ٿي رهيا آهن. پرڏيهي وزير چيو ته ڪانفرنس ۾ عالمي سيڪيورٽي جي صورتحال سان سلهاڙيل مسئلن لاءِ عمل ۽ حڪمت عملي تي ڳالهيون ٿينديون.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here