سعودي ولي عهد پاڪستاني دوري ۾ سيڙپڪاري ۽ واپاري ٺاهن تي ڳالهيون ڪندو

46
0
SHARE

اسلام آباد: سعودي عرب جي ولي عهد محمد بن سلمان جي پاڪستان واري دوري تي پاڪستان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻنهي پاسن جي سيڙپڪاري ۽ واپار لاءِ واپاري ٺاهن تي ڳالهين جي شروعات لاءِ صلاح ڏيندو. سعودي ولي عهد جي ٻن ڏينهن جي پاڪستان واري دوري جي موقعي تي ٻين مسئلن سان گڏوگڏ اها صلاح به ڏني ويندي. ذريعن موجب محمد بن سلمان 16 فيبروري تي پاڪستان ايندو،جنهن ۾ وڏي انگ ۾ ساڻس واپاري وفد به گڏ هوندو. سرڪاري ذريعن موجب اهميت وارن ٺاهن ۾ ٽيرف ۽ غير ٽيرف رنڊڪ، جنهن سان پاڪستان کي بادشاهه ملڪ تائين پنهنجون شيون پهچائڻ ۾ مدد ملندي،ٺاهن تي گلف سهڪار ڪونسل سان ڳالهيون2006ع کان دير جو شڪار آهن،هِيل تائين انهن ڳالهين جا رڳو ٻه دور پورا ٿيا آهن . ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان سعودي ولي عهد سان ملڻ وقت انهن مسئلن کي به اٿاريندو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here