اڏيري لال اسٽيشن ڀرسان اسڪولي عمارت جي مرمت نه ٿيڻ خلاف شاگردن جو احتجاج

41
0
SHARE

اڏيرولال:اڏيري لال اسٽيشن ڀرسان زبون حالي جو شڪار بڻيل اسڪول جي مرمت نه ٿيڻ خلاف شاگردن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،يونين ڪائونسل حسين هڱورو جي قديمي ڳوٺ موليڏنو ميرجت جي پرائمري اسڪول مرمت لاءِ شاهزيب محسن، ساجن ميرجت، عبدالرزاق ميرجت، مختيار ميرجت ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شاگردن اسڪول اڳيان احتجاج ڪيو،شاگردن ميڊيا اڳيان دانهيندي ٻڌايو ته اسڪول جي عمارت ناڪارا هئڻ ڪري ڪنهن مهل  به ڪرڻ جو خطرو آهي،هنن چيو ته تعليم کاتي جي لاڳاپيل اختيارين وٽ لڳاتار شڪايتون  ڪرڻ باوجود ڪو به ڌيان نٿو ڏنو وڃي،شاگردن وڌيڪ چيو ته اسڪول ۾ اڍائي سئو شاگردن لاءِ صرف هڪ  استاد مقرر آهي  جنهن ڪري سندن تعليم سخت متاثر ٿي رهي آهي اهڙي صورتحال بابت تعليم کاتي مٽياري ۽ ڊي سي کي پڻ آگاهي ڏني آهي، هنن سنڌ جي وڏي وزير ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ته بنا دير اسڪول جي نئين بلڊنگ تعمير ڪرائي سندن گلن جهڙيون زندگيون بچايون وڃن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here