وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ 20 نقطن واري ايجنڊا تي غور

46
0
SHARE

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ 20 نقطن واري ايجنڊا تي غور ڪيو پيو وڃي، ملڪ جي ڍانچي ۽ مالياتي رٿائن ۾ پيپرا رولز2004 جي ڇوٽ جي منظوري ايجنڊا ۾ شامل، اهم ادارن جي چيئرمين جي منظوري جو به امڪان آهي. ڪابينا جي اجلاس ۾ 20 نقطن تي ٻڌل ايجنڊا تي غور ڪيو پيو وڃي،جنهن ۾ پيپرا رولز 2004ع جي ڇوٽ جي منظوري ايجنڊا ۾ شامل هوندي. ذريعن موجب نشي خلاف پاليسي 2018ع جو جائزو 7 ڪابينا جي فيصلن تي عمل جي رپورٽ اجلاس ۾ ڏني ويندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ ”اي او بي آءِ“، گوادر پورٽ اٿارٽي جي چئيرمين ۽ زرعي ترقياتي يبنڪ جي صدر جي مقرري جي پڻ منظوري ڏني ويندي. ذريعن موجب ان کانسواءِ وفاقي ڪابينا نيشنل ڊيزاسٽر مينيجمينٽ قلم 2010ع ۾ ترميم ۽پمز آرڊيننس 2019ع جي ٺاهه جي منظوري پڻ ڏني ويندي،جڏهن ته والاريل ڪشمير کي پاڻي جا پئسا ڀرڻ لاءِ جڙيل ڪميٽي جي سفارش به ڏني ويندي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here