ملڪ ۾ ادارن ۽ آئين کي هلڻ نه ڏنو ويو، نه ٿو لڳي ته مهذب معاشري ۾ رهون پيا :رضا رباني

195
0
SHARE

اسلام آباد:سينيٽ چيئرمين رضا رباني چيو آهي ته ملڪ ۾ ادارن ۽ آئين کي هلڻ نه ڏنو ويو، کيس  نه ٿو لڳي ته هو مهذب معاشري ۾ رهن پيا، پارليامينٽ کي عوامي مسئلن جو حل ڏيڻو پوندو.اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي سينيٽ چيئرمين رضا رباني چيو ته جمهوريت کان شڪايت پنهنجي جاءِ تي درست آهي پر ملڪ ۾ آئين کي هلڻ ۽ ادارن کي مضبوط ٿيڻ نه ڏنو ويو.سينيٽ چيئرمين چيو ته آئين پارليامينٽ کي مرڪزي اختيار ڏنا پر هر 10 سالن کانپوءِ هو 4 ڀيرا پنهنجي شهه رڳ کي ڪٽي چڪا آهن، شهه رڳ کي ڪٽيو ويندو ته جسم تڙپندو رهندو، ملڪ ۾ 10 سالن کانپوءِ نئين فلم هلائي ويندي آهي.رضا رباني جو چوڻ هو ته چيو پيو وڃي ته يونيورسٽين ۾ دهشتگرد پيدا ٿي رهيا آهن،  دهشتگردي جو ٻج ضيا جي دور ۾ ڇٽيو ويو.سينيٽ چيئرمين چيو ته کيس نه ٿو لڳي ته هو مهذب معاشري ۾ رهن پيا،  جڏهن پنهنجي تاريخي اثاثن جي سنڀال به نه ڪري سگهجي ته ٻيو ڇا ڳالهائجي؟ميان رضا رباني چيو ته هنن پنهنجي ثقافت ۽ ماضي کي وساري ڇڏيو آهي،  اندرين توڙي ٻاهرين چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ پارليامينٽ کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ان کانسواءِ عوامي مسئلن جو حل به ڏيڻو پوندو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here