پاڪ فوج ڪامياب آپريشن ڪندي زال مڙس سوڌو 5 پرڏيهي مغوي بازياب ڪرائي ورتا

25
0
SHARE

راولپنڊي: پاڪ فوج ڪامياب آپريشن ڪندي 5 پرڏيهي مغوي بازياب ڪرائي ورتا،آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج آمريڪا طرفان ڏنل ڄاڻ تي ڪرم ايجنسي ۾ آپريشن ڪري مغوين کي بازياب ڪرايو،پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ آهي ته بازياب ڪرايل ڪٽنب ۾ ڪئينيڊا جو شهري، سندس آمريڪي گهرواري ۽ 3 ٻارڙا شامل آهن،هن چيو ته افغان دهشتگردن 2012ع دوران پرڏيهين کي اغوا ڪيو هو، جن کي افغانستان مان ڪرم ايجنسي رستي پاڪستان منتقل ڪيو پئي ويو، جن بابت آمريڪا کين ڄاڻ ڏني،ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب پاڪستان ۽ آمريڪا هڪٻئي سان سهڪار ڪري گڏيل دشمن کي شڪست ڏئي سگهن ٿا.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here