ليگين کي جڏهن به حڪومت ملي، انهن ملڪ ڪنگال ڪيو، پ پ سدائين خزانو ڀريو:آصف زرداري

39
0
SHARE

پشاور: اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ليگين کي جڏهن به حڪومت ملي، انهن ملڪ کي ڪنگال بڻائي ڇڏيو، پ پ سدائين خزانو ڀريو آهي.پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي آصف علي زرداري چيو ته ملڪ جون معاشي حالتون خراب آهن، پاڪستان اقتصادي حوالي سان ڪمزور ٿي رهيو آهي ته ان جو ڪو ته ذميوار هوندو.هن چيو ته پ پ جڏهن به حڪومت ۾ آئي ملڪي معيشت کي مضبوط ڪيو، ليگي جڏهن به اقتدار ۾ آيا پاڪستان ڪنگال بڻجي ويو، ملڪ ۾ مالي ايمرجنسي لاڳو ٿيڻ گهرجي.آصف علي زرداري چيو ته پ پ ماڻهن کي نوڪريون ڏنيون، کسيون ناهن، اٽو، لٽو ۽ اجهو ڏيڻ سندن منشور آهي، هنن سوات ۾ جنگ کٽي، وزيرستان جي صورتحال تي ضابطو آندو، لڏپلاڻ ڪندڙن کي بحال ڪيو ۽ پختونن کي سڃاڻپ ڏني.هن چيو ته پيپلز پارٽي جڏهن اقتدار ۾ آئي هئي ته ملڪ جنگ جي حالت ۾ هو، ان وقت دنيا ۾ معاشي بحران هو، هاڻي حالتون اهي نه آهن، پارليامينٽ کي پنهنجا مسئلا پاڻ حل ڪرڻ گهرجن، اڳوڻي صدر چيو ته پاڪستان جي اسٽريٽجڪ بيهڪ اهڙي آهي، جتي سدائين خطرا موجود رهن ٿا، خطرن کي نظر ۾ رکي ملڪ هلائڻو آهي، 3 جنگيون وڙهڻ کانپوءِ به اڃا خطرا موجود آهن.هن چيو ته خطرن کان ڊڄڻ بدران انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي، مذهبي جماعتون ته اڳ ئي سياست ۾ آهن، پابندي مڙهيل تنظيمون جمهوري ڪيئن ٿي سگهن ٿيون؟آصف علي زرداري چيو ته کين به هڪ جج ٽڪرائجي ويو هو، جنهن يوسف رضا گيلاني کي گهر موڪليو پر هنن ڪو به جلوس نه ڪڍيو ۽ اقتدار جي منتقلي به آرام سان ٿي.اڳوڻي صدر چيو ته ميان صاحب کي اڃا تائين اها به خبر ناهي پئجي سگهي ته کيس سزا ڇو ملي؟ جيڪڏهن ميان صاحب کي شڪ آهي ته نڪتو ڇو؟ نااهل ٿيڻ باوجود وزيراعظم هائوس ۾ ويٺل رهي ها.هن چيو ته ڏسجي ته نواز شريف تڪليفون برداشت ڪري ٿو يا نه، مريم بيبي ۽ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر به جدوجهد ڪن ٿا يا نه؟ اڳوڻي وزيراعظم کي عدالتن آڏو پيش ٿيڻ گهرجي.اڳوڻي صدر چيو ته گذريل 4 سالن دوران نواز شريف ڪجهه به نه ڪيو، ننڍي چونڊ دوران مريم نواز ميان صاحب جي تڪ ۾ وئي ته رات جي پيٽ ۾ ئي ترقياتي ڪم ٿي ويا. آصف علي زرداري چيو ته عمران خان به پنهنجي دنيا ۾ مست آهي، سندس نظر ۾ پرويز خٽڪ سڀني کان بهتر آهي، هو پرويز خٽڪ جي علائقي ۾ ويو، جتي ڪچري کانسواءِ کيس ڪجهه به نظر نه آيو.هن چيو ته ماڻهن کي گئس ۽ ٽرانسفارمر جي ضرورت آهي، پ پ کي حڪومت ملي ته ماڻهن کي روزگار سان گڏ گئس ۽ بجلي به ملندي، دهشتگردي سبب متاثر ٿيل علائقن کي خاص پئڪيج ڏنو ويندو، فاٽا کي ڪي پي ۾ شامل ڪندا.آصف علي زرداري چيو ته فاٽا جي معاملي تي سڀني کان پهرين شهيد بينظير سپريم ڪورٽ وئي هئي، محترما چيو هو ته قبائلي علائقن کي قومي ڌارا م آندو وڃي.اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته پرويز مشرف تي حملو ٿيو ته قاتل پڪڙيا ويا، شهيد بينظير جا قاتل اڄ به آزاد آهن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here