ٽيسٽ سيريز ۾  شڪست کي وساري ون ڊي سيريز  ۾ کٽڻ جي عزم سان گڏ ميدان ۾ لهنداسين: سرفراز احمد

6
0
SHARE

دبئي: قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته ٽيسٽ سيريز ۾  شڪست کي وساري ون ڊي سيريز  ۾ کٽڻ جي عزم سان گڏ ميدان ۾ لهنداسين.دبئي ۾ ون ڊي سيريز جي افتتاحي تقريب کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سرفراز احمد چيو ته چيمپئنز ٽرافي جي فتح کانپوءِ هو پهرين سيريز کيڏي رهيا آهن. هن چيو ته سمورا رانديگر ڪارڪردگي جو معيار برقرار رکڻ لاءِ ڀرپور جوش ۽ جذبو رکن ٿا. هن چيو ته سيريز ۾ سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ون ڊي سيريز پنهنجي نالي ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندا. واضع رهي ته ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ 5 ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ سڀاڻي دبئي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ پاڪستاني وقت موجب شام 4 وڳي کيڏي ويندي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here