روهڙي: اينٽي انڪروچمينٽ جي حد دخليون هٽائڻ لاءِ ڪارروائي، سوين دڪان ڊاهي پٽ

38
0
SHARE

روهڙي ڀرسان علي واهڻ ۾ اينٽي انڪروچمينٽ حد دخليون هٽائڻ لاءِ ڪارروائي ڪندي سوين دڪان ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا.ڊپٽي ڪمشنر سکر رحيم بخش ميتلو جي حڪم تي اسسٽنٽ ڪمشنر سونيا ڪليم، مختيارڪار اطهر حسين ميمڻ، ايس ڊي او ايريگيشن  فيروز احمد ڊومڪي ۽ اي ايس پي محمد ڪليم جي اڳواڻي ۾ اينٽي انڪروچمينٽ حد دخليون هٽائڻ لاءِ ڪارروايون ڪيون.اينٽي انڪروچمينٽ حد دخليون هٽائڻ دوران ڪيترائي دڪان ۽ ڇپرا ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا ۽ سرڪاري ملڪيت تان قبضا ختم ڪرايا ويا.ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر سونيا ڪليم ڌرتي ٽي وي نيوز سان ڳالهيندي چيو ته غيرقانون اڏاوتن بابت بار بار نوٽيس ڏيڻ باوجود سرڪاري ملڪيت تي دڪان تعمير ڪرايا ويا هئا.هن چيو ته هنن پنهنجي مرضي موجب نه پر سپريم ڪورٽ جي حڪم تي حد دخلين خلاف ڪارروايون ڪري قبضا ختم ڪرايا آهن. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته سرڪاري ملڪيت تي ڪنهن کي به قبضو ڪرڻ جي موڪل نه ڏني ويندي، جيڪو به سرڪاري ملڪيت تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ان خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي………

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here