پيپلز پارٽي جي چئن اڳواڻن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ضمانت لاءِ درخواستون ڏئي ڇڏيون

30
0
SHARE

ڪراچي:سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جي گرفتاري کانپوءِ پيپلز پارٽي جا اڳواڻ نيب خلاف عدالت ۾ پهچي ويا. پيپلز پارٽي جي چئن اڳواڻن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواستون داخل ڪرائي ڇڏيون. صوبائي وزير تيمور ٽالپر، اڳوڻي وفاقي وزير اعجاز جکراڻي، اڳوڻي صوبائي وزير ڄام خان شوري ۽ راجا رزاق راهمون سنڌ هاءِ ڪورٽ پهچي ضمانت لاءِ ڌار ڌار درخواستون داخل ڪرائي ڇڏيون، جنهن ۾ پ پ اڳواڻن عدالت کي عرض رکيو آهي ته نيب کي گرفتاري کان روڪيو وڃي. ڄام خان شوري درخواست ۾ موقف ڏنو آهي ته سندس خلاف نيب مختلف ڪيسن ۾ جاچ ڪري رهيو آهي، هِن وقت هو ضمانت تي آهي پر وڌيڪ جاچ تي گرفتاري جو شڪ آهي، نيب کي وڌيڪ ڪنهن جاچ کان روڪيو وڃي ۽ گرفتاري کي هاءِ ڪورٽ جي موڪل واري شرط سان جوڙيو وڃي. تيمور ٽالپر درخواست ۾ ڄاڻايو آهي ته نيب کانئنس ملڪيت جا تفصيل گهريا آهن، هلندڙ سال جنوري ۾ ڪال اپ نوٽيس اماڻيو ويو، کيس خبر ئي ناهي ته مٿس الزام ڪهڙو آهي، نيب کي گرفتاري کان روڪيو وڃي. هن چيو ته نيب جيڪڏهن گهرائيندو ته هو ضرور حاضر ٿيندو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here