پاڪستان سپر ليگ 4، ڪراچي ڪنگز جو اسلام آباد يونائيٽيڊ کي 144 رنسن جو ٽارگيٽ

30
0
SHARE

پاڪستان سپر ليگ جي چوٿين ايڊيشن جي تيرهين مئچ ۾ ڪراچي ڪنگز،  اسلام آباد يونائيٽيڊ کي کٽڻ لاءِ 144 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو آهي، جڏهن ته اسلام آباد اليون جي بيٽنگ هلندڙ آهي.

شارجا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندڙ مئچ ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ ٽاس کٽي ڪراچي ڪنگز کي پهريان بيٽنگ جي دعوت ڏني.

ڪراچي ڪنگز طرفان اننگز جي شروعات، بابر اعظم ۽ ڪولن مـُنرو ڪئي جيڪا مايوس ڪندڙ رهي ۽ شروعات ۾ ئي ڪراچي کي نقصان ٿيو، 74 رنسن جي مجموعي اسڪور تي 6 رانديگر آئوٽ ٿي ويا.

بين ڊنڪ ۽ عامر يامين محتاط انداز ۾ بيٽنگ ڪندي ٽيم جي اسڪور کي ٽِرپل فگر ۾ پهچايو ۽ ٻنهي رانديگرن وچ ۾ ستين وڪيٽ تي 69 رنسن جي ڀائيواري قائم ٿي.

ڪراچي ڪنگز مقرر 20 اوورز ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 143 رنسون ٺاهيون، ڪراچي طرفان بين ڊنڪ 49 ۽ عامر يامين 35 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو جڏهن تب بابر اعظم 27 رنسون ٺاهي سگهيو.

اسلام آباد يونائيٽيڊ طرفان فهيم اشرف 3، رومان رئيس ۽ محمد موسيٰ هڪ هڪ رانديگر آئوٽ ڪيو.

اسلام آباد ٽيم جو ڪپتان محمد سميع زخمي هجڻ سبب مئچ ۾ شرڪت نه ڪري سگهيو ۽ سندس جڳهه تي نوجوان آل رائونڊر شاداب خان ٽيم جي قيادت ڪئي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here