پارٽي خلاف سازشون هلي رهيون آهن،آئين جي پاسداري نه پئي ڪئي وڃي:بلاول ڀٽو

35
0
SHARE

لنڊن:پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته سندس پارٽي خلاف جيڪي سازشون هلي رهيون آهن، ان ۾ ملڪي آئين جي پاسداري نه پئي ڪئي وڃي. برطانوي نشرياتي اداري کي ڏنل انٽرويو دوران بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته اسان جي پارٽي ايوب خان کان وٺي ضياءَ الحق تائين اهو ئي ٻڌو ته پهريان احتساب پوءِ چونڊ ۽ پوءِ 90ع واري ڏهاڪي ۾ پوليٽيڪل انجنيئرنگ ڪئي وئي. بلاول ڀٽو چيو ته اسان کي هڪ صحيح احتساب واري نظام جي ضرورت آهي، جتي احتساب سڀني لاءِ ٿئي ۽ جيڪڏهن هڪ ئي ڀيرو احتساب ٿئي، جتي هر ڳالهه واضح ٿي وڃي. بلاول ڀٽو زرداري نيب تي تنقيد ڪندي چيو ته نيب رڳو سياسي پارٽين کي دٻاءُ ۾ رکڻ لاءِ ٺاهي وئي، اڄ به احتساب جمهوريت پسند سياستدانن لاءِ ناهي ٿيندو، قانون جي بالادستي قائم رهي ها ته ڪو مسئلو نه ٿئي ها. هن چيو ته جيڪڏهن نيشنل ايڪشن پلان تي وقت سر عمل ڪيو وڃي ها ته اڄ دنيا ۾ پاڪستان جي پوزيشن ڪجهه ٻي هجي ها ۽ هاڻوڪي صورتحال ۾ ڀارت وٽ اسان تي انتهاپسندي جو الزام لڳائڻ جو جواز نه هجي ۽ اسان وٽ دنيا آڏو پيش ڪرڻ لاءِ انتهاپسندن خلاف کنيل قدمن جا ثبوت به موجود هجن ها.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here