جيڪب آباد ۾ پٽ جي بازيابي لاءِ پيرسن والد پاران احتجاج

19
0
SHARE

 جيڪب آباد ۾ پٽ جي بازيابي لاءِ پيرسن والد پاران احتجاج ڪيو ويو، ڪريم ٿاڻي جي حد ڳوٺ اسمائل خان کوسو واسي 14ورهين جي حافظ الطاف حسين کوسي جي بازيابي لاءِ  سندس پيرسن والد حبيب الله کوسي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو، ميڊيا اڳيان دانهيندي پيرسن حبيب الله چيو ته سندس پٽ کي اغوا ٿي چار سال ٿي ويا آهن ۽ جوابدارن جي نشاندهي ڪرڻ باوجود پوليس م پٽ کي بازياب ناهي ڪرائي  سگهي،  هن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ آءِ جي سنڌ پوليس اي ڊي خواجا کان مطالبو ڪيو ته سندس پٽ کي بازياب ڪرائي ساڻس انصاف ڪيو وڃي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here