ايٿوپين ايئر لائينز جو جهاز ڪري تباهه، 157 ڄڻا فوت ٿي ويا

48
0
SHARE

ايٿوپين ايئر لائينز جو اديس ابابا کان نيروبي ويندڙ مسافر جهاز ڪري تباهه ٿي ويو جنهن ۾ 157 ماڻهو سوار هئا.

برطانوي نشرياتي اداري موجب ايٿوپين ايئر لائين جو جهاز بوئنگ 737 جهاز ۾ 149 مسافر ۽ عملي جا 8 ميمبر موجود هئا ۽ حادثي ۾ ڪنهن به مسافر جي زنده بچڻ جا ڪي اطلاع نه آهن.

ايٿوپين وزيراعظم اَبــِي احمد جي آفيس مان پڌرو ڪيل بيان ۾ جهاز حادثي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ويو آهي ته جهاز معمول جي اڏام تي هو جيڪو ڪِري تباهه ٿي ويو.

وزيراعظم آفيس طرفان فوت ٿيل مسافرن جي پوئنرن سان همدردي جو اظهار به ڪيو ويو آهي.

جهاز حادثي جا في الحال ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيا آهن پر ايئر لائين اختيارين جو چوڻ آهي ته اديس ابابا کان نيروبي ويندڙ جهاز سان اڏام ڀرڻ جي 6 منٽن کانپوءِ ئي رابطو ڪٽجي ويو هو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here