پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪرتارپور لنگهه رٿا تي ڳالهين جو پهريون دور پورو، رٿا تي ڪم تيز ڪرڻ تي اتفاق

8
0
SHARE

پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪرتارپور لنگهه رٿا تي اٽارِي ۾ ڳالهين جو پهريون دور پورو ٿي ويو، پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل جو چوڻ آهي ته ڳالهين جو ٻيو دور 2 اپريل تي واهگا بارڊر وٽ ٿيڻ تي اتفاق ڪيو آهي، ڀارتي اختيارين سان هاڪاري انداز ۾ ڳالهيون ٿيون پر ڪجهه معاملن تي اڃا به اختلاف آهن جن جا تفصيل نه ٿا ٻـُڌائي سگهجن.

پرڏيهي وزارت ۾ ڊي جِي ڏکڻ ايشيا ۽ پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر محمد فيصل جي اڳواڻي ۾ 18 رڪني پاڪستاني وفد اٽاريءَ ۾ ڪرتارپور لنگهه رٿا بابت ڀارتي اختيارين سان ڳالهيون ڪيون.

پاڪستاني وفد ۾ پرڏيهي ، گهرو، قانون، انصاف ۽ مذهبي معاملن وارين وزارتن جا عملدار شامل هئا.

ٻنهي ملڪن جي اختيارين وچ ۾ ٿيل ڳالهين جو گڏيل پڌرنامو به پڌرو ڪيو ويو.

پڌرنامي موجب ڪرتارپور لنگهه جي طريقي ۽ مسودي بابت پهرين گڏجاڻي سٺي ماحول ۾ ٿي ۽ ڌرين مختلف معاملن تي تفصيلي ۽ تعميري ڳالهيون ڪيون.

پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته ٽيڪنيڪي سطح تي به ٻنهي ملڪن جي ماهرن وچ ۾ ڳالهيون ٿيون، تجويز ڪيل ٺاهه، ڪرتارپور لنگهه جي ڪم کي تيز ڪرڻ ۽ ڳالهين جو ٻيو دور 2 اپريل تي واهگا بارڊر تي ٿيڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

ڀارتي اختيارين سان ڳالهين کانپوءِ واپسي تي پاڪستاني وفد جي سربراهه ڊاڪٽر محمد فيصل ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي چيو ته 2 اپريل تي ڪرتاپور لنگهه بابت ٻي گڏجاڻي واهگا بارڊر تي ٿيندي.

ڊاڪٽر فيصل چيو ته ڀارتي اختيارين سان هاڪاري انداز ۾ ڳالهيون ٿيون پر ڪجهه معاملن تي اڃا به اختلاف آهن جن جا تفصيل نه ٿا ٻڌائي سگهجن

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here