بلاول ڀٽو زرداري جو هڪ ڀيرو ٻيهر ڪابينا جي ٽن وزيرن تي پابندي مڙهيل تنظيمن سان رابطي جو الزام

43
0
SHARE

پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ هڪ ڀيرو ٻيهر وفاقي ڪابينا جي ٽن وزيرن تي پابندي مڙهيل تنظيمن سان رابطي جو الزام مڙهيو آهي ۽ گهـُر ڪئي آهي ته پابندي مڙهيل تنظيمن سان لاڳاپا رکندڙ وزيرن کي هٽايو وڃي، حڪومت هوش کان ڪم وٺي، حڪومت عوام جي مدد ڪرڻ بدران ان جو معاشي قتل ڪري رهي آهي عوام مهانگائي جي سونامي ۾ ٻڏي رهيو آهي.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هڪ وزير جي سوشل ميڊيا تي وڊيو تمام گهڻي وائرل ٿي، اهو وزير پابندي مڙهيل تنظيم کي چوي ٿو جيسيتائين هنن جي حڪومت آهي اوهان خلاف ڪارروائي نه ڪئي ويندي، اهڙي قسم جي ماڻهن کي نئين پاڪستان جي ڪابينا ۾ نه هجڻ گهرجي.

هن چيو ته پابندي مڙهيل تنظيمن خلاف ڪارروائي اپوزيشن جي گهـُر آهي، هنن کي حڪومت جي نيت تي شڪ آهي ، حڪومت کي هوش مان ڪم وٺڻ گهرجي ۽ غير سنجيده ۽ غير ذميوار وزيرن کي هٽائي قومي ايڪشن پلان تي پوري ريت عمل ڪري.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته حڪومت ٻاراڻا بيان ڏئي رهي آهي، وفاقي وزيرن جا بيان افسوسناڪ ۽ شرم جوڳا آهن، حڪومت کي پهريان انسان پوءِ حڪمران بڻجڻ گهرجي، حڪومت غريبن کي مدد ڏيڻ بدران معاشي قتل ڪري رهي آهي.

سندس چوڻ هو ته سوال اٿاريندڙن تي تنقيد ڪرڻ مودي پاليسي آهي ۽ اها پاليسي پي ٽي آءِ حڪومت هلائي رهي آهي، تنقيد ڪندڙن کي ملڪ دشمن قرار ڏنو وڃي ٿو.

بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته هــُو نقلي ۽ ڪوڙي جـَي آءِ ٽي کي نه ٿا مڃين، عدالت سندس نالو ڪڍڻ جو چيو پر خبر ناهي اڃا تائين نالو ڇو ناهي ڪڍيو ويو جڏهن ته ڪالاباغ ڊيم جي ڪيس کي راولپنڊي منتقل ڪرڻ غير جمهوري ۽ غلط آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here