ايندڙ پي ايس ايل جون سموريون مئچز پاڪستان ۾ ٿينديون: وزيراعظم

44
0
SHARE

وزيراعظم عمران خان اعلان ڪيو آهي ته ايندڙ پي ايس ايل جون سموريون مئچز پاڪستان ۾ ٿينديون، 70واري  ڏهاڪي ۾ اسانجو مائينڊ سيٽ مٽايو ويو ۽ پئسو ٺاهڻ کي ڏوهه سمجهيو ويو، ان مائينڊ سيٽ کي مٽائڻ تمام گهڻو ضروري آهي، سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول ڏيڻو آهي ۽ آن لائين ويزا جو مقصد ملڪ ۾ سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ آهي.

وزيراعظم عمران خان پاڪستان ۾ آئن لائين ويزا پڌري ڪري ڇڏي.

اسلام آباد ۾ آن لائين ويزا جي افتتاهي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم جو چوڻ هو ته اڄ پاڪستان امن جي رستي تي نڪري پيو آهي، ملڪ کي ٻين ملڪن لاءِ کولڻ خاطر نئين پاڪستان جو هِي پهريون قدم آهي.

وزيراعظم چيو ته هڪ مائينڊ سيٽ هو ته ويزا  ڏيڻ ايتري ڏکي ڪري ڇڏيو هو جو ڪو نه اچي، نئين ويزا پاليسي تحت 55 ملڪن جي شهرين کي آن ارائيول ويزا اڄ کان ملي سگهندي.

هن چيو ته برطانيا، چين، ترڪي، ملائيشيا ۽ گڏيل عرب امارتن جا شهري  اِي ميل ذريعي رڳو 8 ڊالرز فيس ڏئي ويزا وٺي سگهن ٿا.

سندس چوڻ هو ته 60 واري ڏهاڪي ۾ پاڪستان اندر تمام گهڻو اعتماد هو ۽ ملڪ تيزي سان مٿي وڃي رهيو هو، هـِي اهو وقت هو جڏهن پاڪستاني وزيراعظم کي آمريڪي وزيراعظم پاڻ هوائي اڏي تي ڀليڪار چيو هو.

هن وڌيڪ چيو ته 70 جي ڏهاڪي ۾ اسانجو مائينڊ سيٽ مــَٽايو ويو ۽ پئسا ٺاهڻ کي ڏوهه سمجهيو ويو، اُن مائينڊ سيٽ کي مــَٽائڻ تمام ضروري آهي.

عمران خان چيو ته برطانيا کان سندس دوست پاڪستان جي اترئين علائقن جي سير لاءِ آيا هئا، اِهي علائقا سوئٽزرلينڊ کان ٻيڻا آهن، ماڻهو ايندا ته هتان کان متاثر ٿيندا ۽ سيڙپڪاري ڪندا.

سندس چوڻ هو ته هــُنزه، دير ۽ گلگت بهترين ماڳ آهن، سياحت جي ٽاسڪ فورس سياحت جي حوالي سان نوان علائقا ڳولي رهي آهي، سياحت بابت ويب سائيٽ به ٺاهي ويندي.

وزيراعظم چيو ته ناردرن علائقن ۾ ماڻهن کي سستا قرض ڏنا ويندا ته جيئن اهي پنهنجي گهر سان گڏ و گڏ سياحن لاءِ به ڪو ڪمرو ٺاهين.

وزيراعظم وڌيڪ چيو ته اڄ پاڪستان هڪ محفوظ ملڪ آهي ۽ ايندڙ پي ايس ايل جون سموريون مئچز پاڪستان ۾ ٿينديون.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here