پي ايس ايل، ڪراچي ڪنگز جو اسلام آباد يونائيٽيڊ کي 162 رنسن جو ٽارگيٽ

13
0
SHARE

پاڪستان سپر ليگ جي ايليمينٽر رائونڊ جي پهرين مئچ ۾ ڪراچي ڪنگز اسلام آباد يونائيٽيڊ کي کٽڻ لاءِ 162 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو آهي.

ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندڙ ڪراچي ڪنگز جي ڪپتان عماد وسيم ٽاس کٽي ۽ پهريان بيٽنگ ڪئي.

ڪراچي ڪنگز جي اوپنرز بهترين راند جو مظاهرو ڪندي 52 رنسن جي شروعات ڏني.

ڪولن منرو رڳو 11 بالن تي تيز ترين 32 رنسون ٺاهيون، پهرين وڪيٽ ڪِرڻ کانپوءِ لينگوسٽن ۽ بابر اعظم 50 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪري مجموعي اسڪور کي 102 تائين پهچايو.

ٻي وڪيٽ ڪِرڻ کانپوءِ اسلام آباد زبردست ڪم بيڪ ڪيو ۽ بهترين بالنگ جي ڪري بيٽنگ لائين ۾ ڏار پئجي ويا.

ڪنگز جي ٽيم دٻاءَ جو شڪار ٿي ۽ وقفي وقفي سان وڪيٽون ڪِرڻ سبب اسڪور ۾ واڌ جي رفتار گهٽجي وئي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here