پاڪستاني پي ايس ايل فائنل ۾ فوجي ٽوپيون ۽ شرٽس ڏسڻ چاهين ٿا:ترجمان پاڪ فوج

11
0
SHARE

پاڪستان سپر ليگ جي فائنل ۾ فوجي ٽوپيون پائي کيڏڻ بابت مهم تي پاڪ فوج ردعمل ڏيکاريو آهي.

پي ايس ايل جي فائنل ۾ فوجي ٽوپيون پائي شرڪت ڪرڻ بابت سوال تي پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته راند کي سياست کان پاڪ هجڻ گهرجي.

ڀارت آسٽريليا خلاف هوم سيريز جي ٽئين ون ڊي مئچ ۾ فوجي ٽوپيون پائي شرڪت ڪئي هئي جنهن تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ آءِ سي سي کان ايڪشن وٺڻ جي گهـُر ڪئي هئي.

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ سڌ سماءَ واري وزير فواد چوڌري به ڀارتي قدم جي مذمت ڪندي چيو هو ته راند کي سياست جي ور نه چاڙهيو وڃي.

هاڻي سوشل ميڊيا تي ان حوالي سان باقاعده مهم به شروع ٿي وئي آهي ته پي ايس ايل جو فائنل فوجي ٽوپيون کيڏيو وڃي ۽ ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو وڃي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور سوشل ميڊيا تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته پيارا پاڪستاني پي ايس ايل فائنل ۾ فوجي ٽوپيون ۽ شرٽس ڏسڻ چاهين ٿا، پاڪ فوج پاڪستانين جي محبت ۽ حمايت جو قدر ڪري ٿي پر راند کي سياست کان پري رکيو وڃي.

ميجر جنرل آصف غفور وڌيڪ چيو ته اسان جو اتحاد اهڙي خير سگالي جذبي سان به وڌيڪ آهي، روشنين جي شهر ۾ راند کان لطف اندوز آهن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here