خيرپور: شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ۾ نئين اڏجندڙ عمارت جي ڇت ڪري پئي، 4 پورهيت زخمي

14
0
SHARE

خيرپور  جي شاهه عبدالطيف يونيورسٽي ۾ نئين اڏجندڙ عمارت جي ڇت ڪِرڻ جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ڊي فارميسي جي ٽئين منزل ٺھڻ کان پھريان ئي ڌماڪي سان ڪِري پئي، عمارت  ۾ ڪم ڪندڙ 4 پورهيت سخت زخمي ٿي پيا جن کي سول اسپتال خيرپور داخل ڪيو ويو .

زخمين ۾ عمران ڀٽي، واجد ابڙو، شاھد اڄڻ ۽ پپن ناريجو شامل آھن

زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ھجڻ جي ڪري ڪراچي اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي.

زخمين جي وارثن ۽ سول سوسائٽي جو چوڻ هو ته شاھ لطيف يونيورسٽي جي عمارت ۾ ناقص مٽيريل استعمال ڪرڻ جي ڪري ھِي واقعو پيش آيو آھي،انتظاميا واقعي کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪري پئي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here