بلوچستان جي علائقي پنجگور ۾ بم ڌماڪو، 2 ڄڻا مارجي ويا، 9 زخمي

14
0
SHARE

بلوچستان جي ضلعي پنجگور ۾ بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

بلوچستان جي ضلعي پنجگور ۾ بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ 9 زخمي ٿي پيا.

ڌماڪي جي نتيجي ۾ 5 گاڏيون تباهه ٿي ويون ۽ 4 دڪانن کي نقصان پهتو.

واقعي کانپوءِ امدادي اهلڪارن زخمين کي اسپتال پهچايو جتي کين طبي امداد ڏني پئي وڃي.

پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي جاچ موجب ڌماڪيدار مادو موٽر سائيڪل ۾ لڳايو ويو هو ۽ ڌماڪو اليڪٽريشن جي دڪان ٻاهران ٿيو.

واقعي کانپوءِ پوليس ۽ سڪيورٽي فورسز علائقي کي گهيري ۾ آڻي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو جڏهن ته ڌماڪي واري هنڌ تان ثبوت گڏ ڪيا ويا.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here