پي ايس ايل: اسلام آباد يونائيٽيڊ ڪراچي ڪنگز کي شڪست ڏئي ايونٽ مان ٻاهر ڪري ڇڏيو

13
0
SHARE

پاڪستان سپر ليگ جي چوٿين ايڊيشن جي ايليمنيٽر مئچ ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ دلچسپ مقابلي کانپوءِ ڪراچي ڪنگز کي شڪست ڏئي ايونٽ مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو.

نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ کيڏيل مئچ ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ ڪراچي ڪنگز طرفان ڏنل 162 رنسن جو ٽارگيٽ آخري اوور ۾ پورو ڪيو.

اسلام آباد اليون هٿان شڪست کان پوءِ ڪراچي ڪنگز ايونٽ مان ٻاهر ٿي وئي.

فائنل ۾ پهچڻ لاءِ اسلام آباد يونائيٽيڊ جو  هاڻي مقابلو پشاور زلمي سان سڀاڻي ٿيندو.

ان کان اڳ ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندڙ ڪراچي ڪنگز جي ڪپتان عماد وسيم ٽاس کٽي ۽ پهريان بيٽنگ ڪئي.

ڪراچي ڪنگز جي اوپنرز بهترين راند جو مظاهرو ڪندي 52 رنسن جي شروعات ڏني.

ڪولن منرو رڳو 11 بالن تي تيز ترين 32 رنسون ٺاهيون، پهرين وڪيٽ ڪِرڻ کانپوءِ لينگوسٽن ۽ بابر اعظم 50 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪري مجموعي اسڪور کي 102 تائين پهچايو.

ٻي وڪيٽ ڪِرڻ کانپوءِ اسلام آباد زبردست ڪم بيڪ ڪيو ۽ بهترين بالنگ جي ڪري بيٽنگ لائين ۾ ڏار پئجي ويا.

ڪنگز جي ٽيم دٻاءَ جو شڪار ٿي ۽ وقفي وقفي سان وڪيٽون ڪِرڻ سبب اسڪور ۾ واڌ جي رفتار گهٽجي وئي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here